اسلام آباد – 10 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي مجموعي ۽ برابر معاشري جي جوڙجڪ جي لاءِ اسلام جي ت??ور موجب عورتن جي ملڪيت جي حقن جي ت??فظ ۽ فراهمي جي لاءِ قدم کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ماڻهن کي ??ورتن جي حقن بابت آگاهه ڪرڻ جي لاءِ آگاهي مهم جي لاءِ عالم سڳورا ۽ ميڊيا پنهنجو ڪردار ادا ڪري، عورتن کي ??قيقي طور تي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ مالي شموليت انتهائي اهميت رکندڙ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ عورتن کي ??ااختيار بڻائڻ جي حوالي سان هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير عمر ايوب خان، قانون ۽ انصاف واري پارلياماني سيڪريٽري مليڪه بخاري ۽ حڪومت جي اعليٰ عملدارن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. عورتن جي ملڪيتن جي حقن جي قانون 2020ع کي لاڳو ڪرڻ جو حوالو ڏيندي صدر قانونسازي جي ان قدم کي ??ورتن کي ??نهن جا حق ڏيڻ ۾ هڪ مثبت قدم قرار ڏ??و ۽ سمورن صوبن ۾ هڪ جهڙن قانونن جي ضرورت تي زور ڏنو. اجلاس کي ??طاب ڪندي صدر چيو ته انفورسمينٽ آف وومين پراپرٽي رائٽس ايڪٽ 2020ع هڪ موثر ۽ تيزي سان شڪايت جي ازالي جو طريقيڪار پيش ڪيو آهي جنهن تحت ڪا به عورت جيڪا جائيداد جي ملڪيت يا پنهنجي جائيداد جي قبضي کان محروم آ??ي اها محتسب کي ??پيل داخل ڪري سگهي ٿي. هن عورتن جي جائيداد جي مسئلن کي ??ل ڪرڻ جي لاءِ متبادل تڪرارن جي حل جي طريقيڪار کي ??ستعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. صدر عورتن کي ??ااختيار بڻائڻ بابت منصوبن کي ??سٽريم لائين ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. هن وڌيڪ چيو ته عورتن کي ??قيقي طور تي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ مالي شموليت انتهائي اهميت رکندڙ آهي ۽ انهن کي ??حساس پروگرام ۽ استيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي ذريعي دستياب قرضن ۽ ٻين سهولتن بابت آگاهي ڏيڻ جي ضرورت آهي. ان موقعي تي عمر ايوب خان صدر کي ??المي بئنڪ، ايشيائي ت??قياتي بئنڪ ۽ مختلف ملڪن پاران پاڪستان کي ??ورتن جي لاءِ ڏني ويندڙ گهڻ رخي ۽ ٻطرفن فنڊز ۽ قرضن بابت آگاهه ڪيو. صدر ان سلسلي ?? عالمي ادارن ۽ ملڪن پاران مالي معاونت کي ??اراهيو.