اسلام آباد – 13 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خ??ن چيو آهي ته ملڪي معيشت مستحڪم ٿي رهي آهي، پاڪستان ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري اچڻ شروع ٿي وئي آهي، حڪومت پرڏيهي سيڙپڪارن جي لاءِ آسانيون پيدا ڪري رهي آهي، ايندڙ مرحلي ۾ اس??ن کي پنهنجي نوجوانن کي روزگار ڏيڻو آهي، چين سان ڪڏه?? به ايترا بهتر لاڳاپا نه هئا جيترا ه??ڻي آهن، گڏيل منصوبن جي حوصلا افزائي ڪري رهيا آهيون. ميسرز ايم ايس ڊي ٽائر اينڊ رٻر ڪمپني، ميس??ز ڊبل اسٽار چائنا ۽ ڊائيوو پاڪستان ايڪسپريس بس سروس جي وچ ۾ پاڪستان جي ٽائرن جي تياري جي ٽه ڌريي معاهدي تي صحيحن واري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته چين جي ڪمپني پاران پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي آجيان ڪريون ٿا.