اسلام آباد – 03 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٿيلسيميا ۾ ورتل ٻارن جي لاءِ عوام کي رت جي عطين جي اپيل ڪندي چيو آهي ته ملڪ ۾ ڪرونا وائرس سبب پيدا ٿ??ند?? صورتحال جي ڏس ۾ ٽرانسپورٽ سميت ٻين پابندين جي ڪري ٿيلسيميا جو شڪار ٻارن جي لاءِ رت جا عطيا گڏ ڪرڻ ۽ انهن کي فراهمي ۾ مشڪلاتون درپيش آهن، ٿيلسيميا جو شڪار ٻارن جي لاءِ رت جو عطيو ڏيو ڇو ته ڏکويل انسانيت جي خدمت هڪ عظيم نيڪيءَ آهي، ٿيلسيميا جو شڪار ٻارن جي زندگي جو دارومدار رت جي عطيي تي هوندو آهي، رت جو عطيو ڏ??ند??ن جي حوصلا ا??زا??ي ٿيڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار صدر ڊاڪٽر عارف عل??ي ايف نائن پارڪ ۾ قائم ٿيلسيميا سينٽر جي د??ري تي موقعي تي ڳالهائيندي ڪيو.