اسلام آباد – 22 اپريل (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) گهٽ آمدني وارن طبقن جي ل??ءِ 200 ارب رپين جي رليف پئڪيج ۾ لاڪ ڊائون جي صورتحال کان سخت متاثر ٿيندڙ مزدورن ۽ ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ ماڻهن جي ل??ءِ 75 ارب رپيا جاري ڪرڻ جي منظوري ڏ??ي ڇڏي آهي، ان قدم سان وڌيڪ 60 لک خاندانن کي امداد فراهم ڪرڻ ۾ مدد ملندي، اجلاس ۾ بلوچستان حڪومت جي 19 منصوبن جي ل??ءِ 606 ملين ۽ فرنٽيئر ڪور بلوچستان (نارٿ) جي ل??ءِ 7 ملين رپين سميت ڪيترين ئي ضمني گرانٽس جي منظوري ڏ??ي وئي. ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس وزيراعظم ??ي ناڻي ۽ اوڳاڙين واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت ۾ ٿيو.