اسلام آباد – 23 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته چين پاڪستان اقتصادي لنگهه منصوبو نه رڳو پاڪستان پر پوري خطي ۾ ترقي ۽ خوشحالي جي راهه هموار ڪندو، افغانستان ۾ امن ۽ نئين سر تعمير جي پيش نظر سي پيڪ جي اهميت وڌيڪ وڌي وئي آهي، پاڪستان ۽ چي?? جي وچ ۾ وڌندڙ تعاون ٻنهي ملڪ?? جي مضبوط لاڳاپ?? جي عڪاسي آهي. هو ڪراچي ڪائونسل براءِ پرڏيهي لاڳاپ?? جي اهتمام هيٺ سي پيڪ پرويبينار کي خطاب ڪري رهيو هو. وزيراعظم جو خاص مددگار ۽ سي پيڪ اٿارٽي جو چيئرمين لفيٽننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه، پاڪستان ۾ چين جو سفير يائو جنگ ۽ ڪراچي ڪائونسل آف فار رليشنز اڪرام سهگل به خطاب ڪيو.