اسلام آباد – 28 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ملڪ ۾ انٽ??ني?? جي وسيع ۽ بهت?? ڪوريج کي يقيني بڻائڻ ۽ ٽيليڪام شعبي بابت معاملن تي غور ڪرڻ جي لاءِ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب اجلاس ۾ ملڪ ۾ انٽ??ني?? جي وسيع ۽ بهت?? ڪوريج کي يقيني بڻائڻ ۽ ٽيليڪام سيڪٽر جي حو??لي سان لاڳاپيل اشوز جي حل جي حو??لي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. شاگردن تائين انٽ??ني?? جي آسان پهچ ۽ سستي پئڪيج جي فراهمي جي حو??لي سان پڻ قدمن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملڪ جي پٺتي پيل علائقن ۾ موبائيل ۽ انٽ??ني?? جي ڪوريج کي يقيني بڻائڻ جي حو??لي سان يونيورسل سروس فنڊ (يو ايس ايف) جي مختلف منصوبن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم تعليم جي فروغ جي حو??لي سان ٽيلي اسڪولنگ ۽ انٽ??ني?? جي ذريعي تعليم جي فراهمي جي قدمن کي ساراهيندي چيو ته نوجوانن جي صلاحيت کي استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ ضروري آهي ته انهن کي تعليم حاصل ڪرڻ ۾ آساني فراهم ڪئي وڃي.