اسلام آبا?? – 30 جولاءِ (اي پي پي) سينيٽ دهشتگردي جي خاتمي بابت ترميمي بل 2020ع ۽ گڏيل قومن (سيڪيورٽي ڪائونسل) (ترميمي) بل 2020ع جي منظوري ڏئي ڇڏي. سينيٽ جي اجلاس ۾ وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪا?? ڊاڪٽر بابر اعواڻ وفاقي گهرو وزير پاران رٿ پيش ڪئي ته دهشتگردي جي ايڪٽ 1997ع ۾ وڌيڪ ترميم ڪرڻ جو بل دهشتگردي جي خاتمي (ترميمي) بل 2020ع تي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي رپورٽ ڪي?? صورت ۾ فوري طور تي غور هيٺ آندو وڃي. سينيٽ رٿ جي منظوري ڏني جنهن کانپوءِ هن اهو بل ايوان ۾ پيش ڪي??، چيئرمين شقوار منظوري لاءِ بل ايوان ۾ پيش ڪي??، جنهن جي ايوان اڪثريت راءِ سان منظوري ڏئي ڇڏي. پارلياماني معاملن واري صلاحڪا?? ڊاڪٽر بابر اعواڻ پرڏيهي وزير پاران رٿ پيش ڪئي ته گڏيل قومون (سيڪيورٽي ڪائونسل) ايڪٽ 1948ع ۾ وڌيڪ ترميم ڪرڻ جو بل گڏيل قومن (سيڪيورٽي ڪائونسل) (ترميمي) بل 2020ع اسٽينڊنگ ڪميٽي جي رپورٽ ڪي?? صورت ۾ فوري طور تي غور هيٺ آندو وڃي. ايوان رٿ جي منظوري ڏئي ڇڏي، جنهن کانپوءِ هن اهو بل ايوان ۾ پيش ڪي??. چيئرمين شقوار منظوري لاءِ بل ايوان ۾ پيش ڪي??، جنهن جي ايوان اڪثريت راءِ سان منظوري ڏئي ڇڏي.