GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

معيشت جي ترقي ۾ حڪومت نه پر نجي شعبو پنهنجو ڪردار ادا ڪندو، حڪومت پاليسي فريم ورڪ فراهم ڪندي ۽ ان جي تسلسل کي يقيني بڻائيندي: وفاقي وزير محمد اورنگزيب

image

شينزن – 05 – جون (اي پي پي) ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته معيشت جي ترقي ۾ حڪومت نه پر نجي شعبو پنهنجو ڪردار ادا ڪندو، حڪومت پاليسي فريم ورڪ فراهم ڪندي ۽ ان جي تسلسل کي يقيني بڻائيندي، ملڪي معيشت جي استحڪام کي پائيدار بنيادن تي قائم ڪرڻ حڪومت جي بنيادي هدفن ۾ شامل آهي، انتظامي قدمن ۽ ڍانچاجاتي تبديلين جي ڪري پاڪستاني ڪرنسي مستحڪم آهي، وزيراعظم جي ايجنڊا تحت معيشت جي ترقي ۾ حڪومت نه پر نجي شعبو پنهنجو ڪردار ادا ڪندو، ايندڙ مالي سال دوران پانڊا بانڊ جاري ڪنداسين، چيني واپارين ۽ سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ پنهنجي سيڙپڪاري ۾ اضافو ڪرڻ گهرجي. چين جي شهر شينزن ۾ پاڪ چين بزنس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته مجموعي معيشت جا انگ اکر مثبت ۽ صحيح رخ ۾ گامزن آهن، هن سال پاڪستان ۾ زراعت جي ترقي جي شرح 6.2 سيڪڙو آهي، مون کي يقين آهي ته وڏي صنعتن جي پيداوار ۽ خدمتن جي شعبي ۾ اهو رجحان جاري رهندو، مالي لحاظ کان استحڪام ۽ نظم ۽ ضبط کي يقيني بڻايو ويو آهي، پرائمري بيلنس وڌيڪ آهي، ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ گهٽتائي آئي آهي، پرڏيهي ناڻي ۽ روانگي واپار ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، هن سال ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو هڪ ارب ڊالر کان گهٽ ٿيندو، روانگي واپار ۾ ٽيڪسٽائيل کانسواءِ زراعت ۽ آءِ ٽي جو حصو پڻ وڌي رهيو آهي. هن چيو ته انتظامي قدمن ۽ ڍانچاجاتي تبديلين جي ڪري پاڪستاني ڪرنسي مستحڪم آهي، ڪرنسي مارڪيٽ ۾ قياس آرائين کي گهٽ ڪيو ويو آهي، اسٽيٽ بئنڪ وٽ پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا 9 ارب ڊالر کان وڌي ويا آهن جيڪي ٻن مهينن جي روانگي واپار جي لاءِ ڪافي آهن. ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستاني معيشت ۾ ناڻي واڌ هڪ حقيقي مسئلو آهي، ناڻي واڌ ۾ آهستي آهستي گهٽتائي اچي رهي آهي، گذريل سال ناڻي واڌ جي شرح 38 سيڪڙو هئي جيڪا هلندڙ سال 11 سيڪڙو جي سطح جي لڳ ڀڳ آهي، نه رڳو صارفين جي لاءِ قيمتن جا انگ اکر پر خوراڪ جي ناڻي واڌ ۾ پڻ گهٽتائي آئي آهي، پاليسي ريٽ ۾ گهٽتائي سان معيشت تي سٺا اثر پوندا، مارڪيٽ ۾ مثبت رجحان ڏسڻ ۾ اچي رهيا آهن جيڪي پاڪستاني معيشت تي سيڙپڪارن جي اعتماد جي عڪاسي ڪري رهيا آهن. ناڻي واري وزير چيو ته وزيراعظم شهباز شريف گذريل حڪومت جي دور ۾ اسٽينڊ باءِ معاهدي جي ذريعي معيشت جي استحڪام جي لاءِ جيڪو بنياد رکيو هو ان جا ثمر سامهون اچي رهيا آهن، اسان آءِ ايم ايف جو 9 مهينن جو پروگرام ڪاميابي سان مڪمل ڪيو آهي، ان سان مجموعي طور تي معيشت کي فائدو پهتو آهي، حڪومت آءِ ايم ايف سان هڪ وسيع ۽ ڊگهي مدي واري پروگرام جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ڪري رهي آهي، اسان جي آڏو ٻه سبب آهن جنهن جي ڪري اسان آءِ ايم ايف سان آخري ڊگهو ۽ وسيع پروگرام چاهيون ٿا، ان ۾ پهريون سبب مجموعي معيشت جي استحڪام کي پائيدار بنيادن تي قائم ڪرڻ آهي، ان تحت مختلف شعبن ۾ سڌارن جو سلسلو جاري رهندو، مجموعي قومي پيداوار جي شرح سان ٽيڪسن جي شرح کي موجوده سطح کان وڌائي 14، 13 سيڪڙو جي سطح تي آندو ويندو، توانائي جي شعبي ۾ بهتري آندي ويندي، توانائي جي شعبي ۾ گورننس ۾ بهتري جو عمل جاري آهي، ان ڏس ۾ نجي شعبي کي شامل ڪيو پيو وڃي، سرڪاري ملڪيتي ادارن ۾ سڌارا پڻ جاري آهن. ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم جي ويزن موجب اها پاڪستان جي اندروني ايجنڊا آهي، ان ايجنڊا تحت معيشت جي ترقي ۾ حڪومت نه پر نجي شعبو پنهنجو ڪردار ادا ڪندو، حڪومت پاليسي فريم ورڪ فراهم ڪندي ۽ ان جي تسلسل کي يقيني بڻائيندي. حڪومت جي مستقبل جي حڪمت عملي جو حوالو ڏيندي ناڻي واري وزير چيو ته حڪومت روانگي واپار تي ٻڌل واڌويجهه تي ڌيان ڏئي رهي آهي ۽ ان ڏس ۾ اڄ اسان هتي چيني سيڙپڪارن سان ڳالهه ٻولهه ڪري رهيا آهيون، اسان سمجهون ٿا ته خصوصي اقتصادي زونز روانگي واپار جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ آهن. ناڻي واري وزير چيو ته سڌي سنئين ٻاهرئين سيڙپڪاري ۾ اضافو به اسان جي ترجيح آهي، شينزن فورم ۾ ٻنهي ملڪن جي حڪومتي ۽ نجي شعبي جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه جاري آهي، اسان جي خواهش آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ جوائنٽ وينچر ٿئي. هن چيو ته عالمي ڪيپيٽل مارڪيٽ تائين پهچ به اسان جو هدف آهي، ماضي ۾ پاڪستان آمريڪي ۽ يورو مارڪيٽ ۾ بانڊ جاري ڪيا هئا، ايندڙ مالي سال ۾ اسان چيني ڪيپيٽل مارڪيٽ مان فائدو کڻڻ جو ارادو رکون ٿا، ايندڙ مالي سال دوران پاڪستان پانڊا بانڊ جاري ڪري رهيو آهي، ان جي ذريعي اسان چيني ڪيپيٽل مارڪيٽ تائين پهچ حاصل ڪنداسين جيڪا دنيا جي ٻي وڏي مارڪيٽ آهي. ناڻي واري وزير چيني سيڙپڪارن کي ملڪ ۾ سيڙپڪاري ۾ اضافي جي دعوت ڏيندي چيو ته پاڪستان جي حڪومت چين جي واپارين ۽ سيڙپڪارن کي هر قسم جون سهولتون فراهم ڪندي، جيڪي ننڍا مسئلا موجود آهن انهن جي حل کي يقيني بڻايو ويندو.

مضمون کا ماخذ : اولمپس کا عروج