برسلز-29 آڪٽوبر (اي پي پي) يورپي يونين جي پرڏيهي معاملن ۽ سيڪيورٽي پاليسي بابت نم??ئن??ي جوزف بوريل چيو ??هي ته وچ اوڀر ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو ??هي ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته اسان پنهنجي انسانيت وڃائي ويٺا آهيون. عرب نيوز موجب هن چيو ??ه اسان هڪ وڏي باهه جي ڪناري تي زندگي گذاري رهيا آهيون، جيستائين غزه ۽ لبنان ۾ جنگ جاري رهندي اسان هڪ چڻنگ جي ڪناري تي ئي رهنداسين، جيڪا هڪ وڏي باهه جو سبب بڻجندي. هن چيو ??ه جيئن ته گڏيل قومن پاران نشاندهي ڪئي وئي آهي ته ٻئي عالمي جنگ کانپوءِ شديد ۽ سنگين ترين انساني بحران غزه ۾ آيو ??هي. وچ اوڀر ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو ??هي ان مان ظاهر ٿي رهيو ??هي ته اسان انسانيت وڃائي ويٺا آهيون. يورپي يونين جي نم??ئن??ي نوٽ ڪيو ??ه هر ڪنهن کي اهو خدشو آهي ته اسرائيل ايران جي ايٽمي يا تيل ٺڪاڻن تي حملو ڪندو. هن وچ اوڀر ۾ ويڙهه کي روڪڻ لا??ِ مجبوري قدم لاڳو ڪرڻ جي اپيل ڪئي. هن چيو ??ه يورپي يونين جو هر ملڪ اسرائيل کي هٿيارن جو وڪرو روڪڻ بابت پنهنجو فيصلو پاڻ ڪندو. اهو ڪو گڏيل فيصلو نه هوندو. هر ملڪ ڪنهن شيءِ جي مناسب هجڻ جو فيصلو ڪندوآهي ۽ مان ان کي ڪو به ڪم ڪرڻ کان نٿو روڪي سگهان ۽ نه ڪجهه ڪرڻ جي سفارش ??ري سگهان ٿو. اسپين، اٽلي يا فرانس هٿيارن جو وڪرو ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ??هي. پر ٻين ملڪن جرمني جي مثال وانگر عس??ري امداد کي تقويت ڏئي رهيا آهن، مطلب اتي ڪو به گڏيل لا??حه عمل ??اه??.