اسلام آباد – 16 ڊسمبر (اي پي پي) وز??راعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وز??راعظم عمران خان سوئٽزرلينڊ جي دوري تان واپسي تي ڪوالالمپور ڪانفرنس ۾ شرڪت جي حوالي سان حتمي فيصلو ڪندو، نواز شريف کي طبي بنيادن تي ڏنل ضمانت جي 4 هفتن ۾ ڪجهه ڏينهن باقي آهن، آصف علي زرداري خلاف 11 ريفرنسز ۽ 14 انڪوائريون هل?? رهيون آهن اڃان ته 40 سالن جو ح??اب وٺڻو آهي، طبي بنيادن تي ضمانت جو مطلب ڪيس?? مان بريت ناهي ٿي، احت??اب ڪندڙ ادارو زنده ۽ ڪرپٽ ماڻهن جا مفاد مرڻ شروع ٿي ويا آهن،. هُوءَ انفارميشن سروسز اڪيڊمي ۾ سسٽين ايبل سوشل ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن (ايس ايس ڊي او) جي سهڪار سان جوڙيل پاڪستان انفارميشن ڪميشن جي ويب سائيٽ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪر?? رهي هئي.