اسلام آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان ڪشميري اڳواڻ محم?? ياسين ملڪ جي خراب ٿيندڙ صحت تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي جيڪو نئين دهلي جي تهاڙ جيل ۾ خراب حالت ۽ ناڪافي طبي امداد جي خلاف احتجاج طور بک هڙتال ڪري رهيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ??رج??ان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته فرضي ڪيسن ۾ ڦاسائڻ کانپوءِ محم?? ياسين ملڪ گذريل ڪيترن ئي سالن کا?? جيل ۾ بند آهي ۽ کيس موت جي سزا درپيش آهي. هن چيو ته اسان ڀارتي عملدارن کان مطالبو ڪريون ٿا ته محم?? ياسين ملڪ کي معياري طبي امداد فراهم ڪئي وڃي ۽ کيس فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي. ??رج??ان چيو ته پاڪستان گڏيل قوم?? جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ ڪشميري?? جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.