واشنگٽن – 18 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سان آمريڪي ڊيموڪريٽڪ سينيٽر ڪرس وان هولن ج?? پاڪستان هائوس واشنگٽن ۾ خاص ملاقات ٿي. ملاقات دوران پاڪ آمريڪا ٻطرفن لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن ج?? ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان آمريڪا سان پنهنجي ٻطرفن لاڳاپن کي تمام گ??ڻي اهميت ??ي ٿو ۽ اسٽريٽجڪ حصيداري ذريعي انهن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي. پرڏيهي وزير سينيٽر هولن کي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ گذريل 5 مهين کان جاري گهيراءُ، بنا جواز پابندين ۽ امن امان ج?? ڳڻتي جوڳي صورتحال کان آگاهه ڪيو.