لاهور -03 آڪ??وبر (اي پي پي) وزيراعظم جي خاص صلاحڪار ڊاڪٽر شهباز گل چيو آهي ته فوج ملڪ جي امن ۽ استحڪام ۽ سلامتي جي ضامن آهي، اسان جي فوج اسان کي ڪو صحيح ڪم ڪرڻ کان ناهي روڪيندي، جيڪڏهن اسان جي ڪا ڪوتاهي آهي ته ان جو ملبو ف??ج تي نٿو وجهي سگهجي. نواز شريف جو هميشھ فوج سان ئي جه??ڙو رهيو، ڇاڪاڻ ته فوج ئي اهو واحد ادارو آهي ج??ڪو ملڪي مفاد خلاف قدمن تي نواز شريف کان سوال پڇندو آهي. اهڙو اظهار هن پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ ۾ هڪ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.